اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ سيد عاصم منير کي معرڪه حق ۾ شاندار ڪاميابي تي ”بيٽن آف فيلڊ مارشل“ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، چئني صوبن جي گورنرز، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سميت مختلف ملڪن جي سفارتڪارن جو وڏو انگ شريڪ هو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي معرڪه حق بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته معرڪه حق قوم جي لاءِ هڪ فخر جو لمحو ۽ پاڪستان جي فوجي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اها مقرري اسان جي قومي سفر جي هڪ اهم موڙ تي اچي ٿي، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان جي خلاف بزدلاڻي، اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني جارحيت ڪئي، ڀارت پاران ان بزدلاڻي حملي ۾ شهري بشمول ٻارن، بزرگن ۽ عورتن کي نشانو بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي سالميت کي چئلينج ڪيو ويو جنهن کي پاڪستان مثالي جرئت ۽ عملي تربيت سان شڪست ڏني. تازي ڇڪتاڻ ”معرڪه حق“ قومي اتحاد ۽ ادارن جي مضبوطي جو حقيقي امتحان هو، اهو قومي هم آهنگي جو مظهر هو. معرڪه حق ۾ ڪاميابي اسان جي قومي هم آهنگي، قابل سياسي قيادت جي رهنمائي ۽ قومي مقصدن ۾ هڪ جهڙائي جي ڪري فيصلائتي ثابت ٿي. معرڪه حق ۾ پاڪستان آرمي، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي وچ ۾ ٺوس آپريشنل ڪوآرڊينيشن جي ذريعي فتح حاصل ٿي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قابل قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ جي ذريعي مشڪلاتن کي اسٽريٽجڪ برتري ۾ تبديل ڪيو ۽ دشمن جي ڪڌي ارادن کي پرعزم ۽ باوقار جواب ڏنو. پاڪستان جي هٿياربند فوج کي سڄي دنيا ۾ ان جي اداري جي مضبوطي، نظم ۽ ضبط ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام جي ڪري قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان پيشيواراڻي برتري جو بنياد هڪ موٽر ڪيريئر مئنيجمينٽ سسٽم تي آهي. هڪ اهڙو منظم فريم ورڪ جيڪو پيشيواراڻي تربيت، مسلسل جانچ ۽ ڪمانڊ جي صلاحيتن جي جائزي تي ٻڌل آهي. اهو سسٽم ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته قيادت عطا ناهي ڪئي ويندي پر حاصل ڪئي وڃي ٿي. اڄ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪميشننگ جي اٽڪل 4 ڏهاڪن کانپوءِ اپريل 1986ع ۾ لکيل آفيسرز ٽريننگ اسڪول، منگلا ۾ سندس ڪميشننگ رپورٽ تي غور ڪرڻ مناسب آهي جيڪا فوجي ادارن جي بصيرت جي سُڃاڻپ واري نظام جي دورانديشي ۽ مضبوطي جي هڪ لازوال گواهي ڏئي رهي آهي جيڪي صلاحيتن کي هٿي وٺرائن ٿا. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ سيد عاصم منير کي باقاعده بيٽن آف فيلڊ مارشل سان نوازيو.