اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان امن جو داعي آهي پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي فوج وطن جي ٻاڙِي ٻاڙِي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي، اسان جي ڀرپور جواب دنيا تي اسان جي صلاحيت ثابت ڪري ڇڏي آهي، سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏيڻ جي منظوري تي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. هو ايوان صدر ۾ سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جو سربراهه محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي، چئني صوبن جا گورنرز، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن جو وڏو انگ شريڪ هو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته تقريب جو مقصد قوم جي بهادر فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج تي فخر آهي. هن چيو ته سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز قابل فخر لمحو آهي. فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏيڻ جي منظوري تي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. هن چيو ته معرڪه حق دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير فرنٽ تان ليڊ ڪيو. دشمن جي خلاف پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل هئي. اسان جي ڀرپور جواب دنيا تي اسان جي صلاحيت ثابت ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان امن جو داعي آهي پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي فوج وطن جي ٻاڙي ٻاڙي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي.