اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته ڀارت اسان جي مسجدن، ٻارن ۽ هٿين خالي شهرين تي حملا ڪيا جن جو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مشاورت سان ڀارت کي اهڙو جواب ڏنو جيڪو هو سڄي زندگي ياد رکندو. استحڪام پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي جنگ مخصوص ذهنيت خلاف آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ …
ڀارت اسان جي مسجدن، ٻارن ۽ هٿين خالي شهرين تي حملا ڪيا: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته ڀارت اسان جي مسجدن، ٻارن ۽ هٿين خالي شهرين تي حملا ڪيا جن جو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مشاورت سان ڀارت کي اهڙو جواب ڏنو جيڪو هو سڄي زندگي ياد رکندو. استحڪام پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي جنگ مخصوص ذهنيت خلاف آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جو وڏو انگ رهي ٿو، ڀارتي وزيراعظم مودي جا انسانيت خلاف قدم آهن، مودي انسانيت جي تباهي وارا قدم کنيا آهن. هن چيو ته سڄي قوم گڏجي پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آپريشن جو نالو بنيان مرصوص رکيو. پاڪستان چئن ڪلاڪن ۾ ڀارت جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، پاڪستان جي جوابي ڪارروائي جو پوري دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن بهادري تي حڪومت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي اعزاز سان نوازيو، عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏئي قوم جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.










