اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينه خالد زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري کي چيئرپرسن روبينه خالد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. پي پي پي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد بريفنگ دوران ٻڌايو ته بينظير هنرمند …
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينه خالد زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري کي چيئرپرسن روبينه خالد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. پي پي پي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد بريفنگ دوران ٻڌايو ته بينظير هنرمند پروگرام ذريعي اسان نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪنداسين، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نيو بئنڪنگ ماڊل تحت رقم جي منتقلي جي عمل کي وڌيڪ شفاف بڻايو ويو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ انقلابي منصوبو آهي جنهن جي ڪامياب ماڊل کي اڄ پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.










