قومي اسيمبلي ۾ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي غير قانوني ۽ هڪطرفي فيصلي خلاف متفقه طور قرارداد منظور

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي غير قانوني ۽ هڪطرفي فيصلي خلاف متفقه طور قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي معاملن واري وفاقي وزير محمد معين وٽو ان حوالي سان قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي غير قانوني ۽ هڪطرفي فيصلي خلاف متفقه طور قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي معاملن واري وفاقي وزير محمد معين وٽو ان حوالي سان قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ان راءِ جو اظهار ڪري ٿو ته حڪومت کي گهرجي ته هو فوري طور قدم کڻي ته جيئن ڀارت جو غير قانوني ۽ هڪطرفو اعلان جنهن تحت هن سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جي سختي سان مذمت ڪئي وڃي. هي قدم معاهدي جي سراسر ڀڃڪڙي ۽ واضح طور هڪ جنگي قدم آهي، ان کان اڳ وفاقي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي لائف لائن آهي.

مزید خبریں