اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي آجيان ڪئي. عالمي بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز اينا بيئرڊي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي. دوري جو مقصد بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر تي حقدار عورتن لاءِ …
عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جو بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر اسلام آباد جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي آجيان ڪئي. عالمي بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز اينا بيئرڊي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي. دوري جو مقصد بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر تي حقدار عورتن لاءِ موجود خدمتن ۽ سهولتن جو جائزو وٺڻ هو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ وارو وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه به ان موقعي تي موجود هو. سينيٽر روبينه خالد ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پاڪستان جي لکين غريب عورتن کي قومي سڃاڻپ ملي، نادرا کانپوءِ بي آءِ ايس پي وٽ حقدار گهراڻن جو سڀ کان وڏو ڊيٽابيس موجود آهي. سينيٽر روبينه خالد عالمي بئنڪ طرفان بي آءِ ايس پي جي مسلسل حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو ته بي آءِ ايس پي ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ حصيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهيون. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد وفد کي ون ونڊو آپريشنز ۽ بي آءِ ايس پي جي قدمن تي بريفنگ ڏني. وفد بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر جي خدمتن کي ۽ نظام کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن ون ونڊو سينٽر ۾ موجود عورتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفد جي سربراهه اينا بيئرڊي بي آءِ ايس پي جي مشروط ۽ غير مشروط مالي معاونت جي پروگرامن کي ساراهيندي چيو ته بينظير نشو نما پروگرام ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذا جي حوالي سان بهترين پروگرام آهي.











