اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ بندرگاهن تي جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي، اسان عالمي سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هچيسن پورٽس جي سي اي او ايرڪ اپ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 3 ڏهاڪن کان هچيسن پورٽس جي سيڙپڪاري پاڪستاني معاشي پاليسين تي اعتماد جو مظهر آهي، پاڪستان ۾ بندرگاهن تي جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن ۾ هچيسن پورٽس جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ملڪي بندرگاهن تي ڪسٽمز اسيسمنٽ جي لاءِ جديد اسڪينرز جي قيام ۾ هچيسن پورٽس جون خدمتون قدر جوڳيون ثابت ٿينديون، اسان عالمي سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاليسين کي سيڙپڪار دوست بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سي اي او هچيسن پورٽس ايرڪ اپ چيو ته هچيسن پورٽس ڪراچي پورٽ کي جديد ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايرڪ اپ پاڪستان کي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ موزون ملڪ قرار ڏيندي مستقبل ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انور چوڌري ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.