عالمي بئنڪ پاڪستان جي ترقي ۾ بطور هڪ اهم حصيدار طور اهم ڪردار ادا ڪيو، عالمي بئنڪ پاران ڪنٽري پارٽنرشپ جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ترقياتي سيڙپڪاري ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي ترقي ۾ بطور هڪ اهم حصيدار طور اهم ڪردار ادا ڪيو، عالمي بئنڪ پاران ڪنٽري پارٽنرشپ جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ترقياتي سيڙپڪاري ٿيندي، جي لاءِ عالمي بئنڪ جا شڪرگذار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مئنيجنگ …

اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي ترقي ۾ بطور هڪ اهم حصيدار طور اهم ڪردار ادا ڪيو، عالمي بئنڪ پاران ڪنٽري پارٽنرشپ جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ترقياتي سيڙپڪاري ٿيندي، جي لاءِ عالمي بئنڪ جا شڪرگذار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز اينا بيئرڊه جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي ترقي ۾ بطور هڪ اهم حصيدار طور اهم ڪردار ادا ڪيو، عالمي بئنڪ پاران ڪنٽري پارٽنرشپ جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ترقياتي سيڙپڪاري ٿيندي، جي لاءِ عالمي بئنڪ جا شڪرگذار آهيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت عالمي بئنڪ جي ترقياتي سيڙپڪاري جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم يقيني بڻائي رهي آهي، 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب لکين ماڻهن جو روزگار ۽ ملڪيتون متاثر ٿيون، عالمي بئنڪ 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان ۾ متاثرين جي مدد ڪئي. عالمي بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز پاڪستان پاران سندس مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ورلڊ بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جي وچ ۾ تاريخي حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ حصيداري جي مضبوطي ۽ ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم جا خاص طور تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي شعبي ۾ تازي ڪارڪردگي ۽ استحڪام مثالي آهي، پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي لاءِ مثبت قدمن سان ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ ڪنٽري پارٽنرشپ جي مثبت نتيجن جي لاءِ تعاون جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. ورلڊ بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ پاڪستاني عوام جي ترقي لاءِ عزم، پائيدار ترقي لاءِ پاليسين جي تسلسل خاص طور تي سياسي سطح تي سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ ملڪي پائيدار ترقي جي لاءِ صحيح ترجيحن جو تعين عالمي بئنڪ جي لاءِ ٻين ملڪن ۾ پارٽنرشپ فريم ورڪ جي لاءِ قابل تقليد مثال بڻجي ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي شاندار ۽ موثر قيادت جي ڪري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي دنيا ۾ پاڪستان ماڊل جي نالي منسوب ڪيو پيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جو عملي قدمن تي زور ان پارٽنرشپ فريم ورڪ کي ڪاميابي سان همڪنار ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينحسين کانسواءِ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر نفيسا شاهه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں