اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي تازي ٽن ڏينهن جي چين جي دوري کي ”انتهائي ڪامياب“ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بيجنگ ۾ ٿيندڙ مصروفيتن دوران سفارتي، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي محاذن تي نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها ڪا معمول جي سفارتڪاري نه آهي پر واضح ۽ فوري مقصدن …
پاڪستان بيجنگ ۾ ٿيندڙ مصروفيتن دوران سفارتي، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي محاذن تي نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي تازي ٽن ڏينهن جي چين جي دوري کي ”انتهائي ڪامياب“ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بيجنگ ۾ ٿيندڙ مصروفيتن دوران سفارتي، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي محاذن تي نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها ڪا معمول جي سفارتڪاري نه آهي پر واضح ۽ فوري مقصدن سان هئي جنهن ۾ چيني قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون ۽ افغانستان بابت ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه به شامل هئي. نائب وزيراعظم چيو ته چين ۽ افغانستان ٻنهي سان هڪ واضح معاهدو طئي ٿيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي ڀلي اها ٽي ٽي پي هجي، بي ايل اي يا ٻيون، ڪنهن به ملڪ جي سرزمين کي ٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تفصيلي ۽ اميد جوڳي ڳالهه ٻولهه ٿي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت وسيع تعاون جي لاءِ ڪاميابي سان بنياد رکيو آهي. هن چيو ته چين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ريلوي منصوبي جي مالي معاونت جي پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي علائقائي رابطي جي لاءِ هڪ تبديلي جو قدم قرار ڏنو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان اڳ ۾ ئي ازبڪستان ۽ افغانستان کي هڪ مسودو فريم ورڪ موڪلي ڇڏيو آهي جڏهن ته اجلاس جي لاءِ 29 ۽ 30 مئي جي تجويز آهي، آئون جون جي شروع تائين ان کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيان. هن چيو ته ان منصوبي جي لاءِ فنانسنگ ۽ ڪوآرڊينيشن سڌوسنئون چين آڏو اٿاري وئي آهي جنهن مثبت جواب ڏنو آهي، اهو منصوبو پشاور – ڪابل هاءِ وي ۽ ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن سان وچ ايشيائي جمهوريه سان پاڪستان جي رابطي کي فروغ ڏيندو ۽ اسان جي گهٽ استعمال ٿيندڙ بندرگاهن جي واپاري صلاحيت کي وڌائي ڇڏيندو. هن چيو ته ان دوري ۾ چين ۽ افغانستان سان خاص طور تي پناهگيرن جي معاملن ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان اهم فيصلا به ٿيا. هن چيو ته 17 اپريل تي ڪابل ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل سمورن فيصلن تي 72 ڪلاڪن جي اندر عملدرآمد ڪيو ويو. سيڪيورٽي تعاون جو ذڪر ڪندي سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته چين کي پاڪستان ۾ پنهنجي اهلڪارن تي حملن تي گهري ڳڻتي آهي، مون انهن کي يقين ڏياريو ته اسان انهن خطرن کي سنجيدگي سان منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ هڪ مستقل طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته آئون پنهنجي زيرو ٽالرنس موقف سان هم آهنگ هجڻ تي چين ۽ افغانستان ٻنهي جي ساراهه ڪريان ٿو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي اڳوڻي حڪومت دوران 2013ع کان 2017ع تائين آپريشن ضرب عضب تي 4 ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا جنهن سان دهشتگردي کي موثر طريقي سان ڪچليو ويو. هن چيو ته بدقسمتي سان گذريل حڪومت جي ڪمزور سرحدي پاليسين ۽ ڪٽر دهشتگردن جي آزادي جي ڪري حالتون خراب ٿيون، هاڻي اسان جو عزم واضح آهي ته اسان دهشتگردي کي مضبوط هٿن سان ڪچلينداسين جيئن اسان اڳ ۾ ڪيو هو. نائب وزيراعظم خضدار بس حملي جي متاثرين جي لاءِ چين جي تعزيت جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته انصاف جي جلد فراهمي ڪئي ويندي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چيني قيادت سمورن بنيادي مسئلن تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن اسان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي مضبوطي سان حمايت ڪئي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل جو مطالبو ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان تبت سميت ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪ چين لاڳاپن جي 74هين سالگرهه جي موقعي تي هن چين کي مبارڪباد ڏني ۽ بيجنگ ۾ منعقد پهرين دور کانپوءِ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ٻئي دور جي لاءِ چيني عملدارن کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته چين جي عالمي ترقي واري وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ساڻس گڏ ويندڙ وفد سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي عالمي سطح تي پهچ کي ساراهيو. هن چين جي ميزباني ۾ هڪ گلوبل پوليٽيڪل پارٽنر فورم قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته مون انهن کي آگاهه ڪيو ته اسان جي پارٽي قيادت 24 مئي کان شروع ٿيندڙ اڳئين ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي هڪ سينيٽر کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار علائقائي سلامتي جي ماحول جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان ڪاميابي سان خاص طور تي 2019ع جي واقعن جي حوالي سان ڀارتي بيانيي جو مقابلو ڪيو، اسان پهلگام واقعي جي عالمي جاچ جي آڇ ڪئي جنهن کي ڀارت رد ڪري ڇڏيو، اسان جي شفافيت پاڪستان جي ساک کي مضبوط ڪيو ۽ عالمي برادري حقيقتن جي تصديق کانپوءِ اسان جي موقف جي تائيد ڪئي. هن ڀارتي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته تازي تڪرار دوران 75 ڀارتي جهاز موڪليا ويا، 24 پي لوڊز ڪيرايا ويا ۽ ڪيترائي جهاز بشمول رافيلز ۽ يو اي ويز کي پاڪستان ڪيرايو. هن چيو ته اسان بزدلن وانگر نه پر هڪ ذميوار ۽ خودمتيار قوم جي طور تي ڏينهن جي روشني ۾ گڏيل قومن جي چارٽر تحت جواب ڏنو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير روبيو جي ڪال کانپوءِ ثالثي ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي معاهدو برقرار آهي ۽ اهو ته ڊي جي ايم اوز جي ذريعي ملٽري ٽو ملٽري انگيجمنٽس آساني سان اڳتي وڌي رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان جي ڊيٽرنس دفاعي آهي، جارحاڻي نه آهي، اسان ڪڏهن به پنهنجا ائٽمي هٿيار ۽ ميزائيل ٻين تي حملو ڪرڻ جي لاءِ ناهن ٺاهيا پر امن جي حفاظت جي لاءِ ٺاهيا آهن. هن ڀارتي دفاع واري وزير جي تازي ريمارڪس کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهن پر جڏهن چئلينج ڪيو ويو ته اسان پنهنجي خودمختياري جو سدائين پوري طاقت سان دفاع ڪنداسين. محمد اسحاق ڊار افغانستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته افغانستان سان اسان جا مذهبي، ثقافتي، تاريخي ۽ جاگرافيائي لاڳاپا آهن، افغان معاشري ۾ اسان جي پهچ جي آجيان ڪئي وئي، اسان کي ناظم الامور جي سطح کان اڳتي وڌڻ ۽ خاطرخواهه مشغول هجڻ جي ضرورت آهي. هن افغان ڊرائيورن ۽ گاڏين جي لاءِ ٽرانزٽ دستاويز جي نظام ۾ 30 جون تائين توسيع جو اعلان ڪيو ۽ افغان شهرين جي لاءِ 100 ڊالر جي ملٽي پل انٽري ويزا جي سنگل دستاويز جو نظام متعارف ڪرايو. هن چيو ته افغان عملدارن پاران انهن قدمن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. نائب وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير کي سندس ترقي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي قومي سلامتي جي مصروفيتن دوران ان جي غيرمعمولي قيادت ۽ تعاون جي لاءِ هڪ ”مناسب پذيرائي“ قرار ڏنو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران قطر جهڙن ملڪن جي اڳواڻن سميت هم منصبن کي پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ 60 کان وڌيڪ ڪالز ڪيون. هن چيو ته دنيا هاڻي اسان جي موقف کي سمجهي رهي آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف رڳو هڪ فرنٽ لائين رياست ئي نه آهي پر ان جو سڀ کان وڏو متاثر ملڪ آهي جنهن ۾ 85000 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ ان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو.











