اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آھي ته عالمي مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومتي بانڊز جو مارڪيٽس ۾ مستحڪم ۽ اثرائتي طريقي تي هلڻ ضروري آھي. اھا ڳالھه آءِ ايم ايف جي عالمي مالياتي استحڪام رپورٽ ۾ چئي وئي آھي، رپورٽ مطابق تازن مھينن ۾ حڪومتي بانڊز جي مارڪيٽ شديد ٻاڙائي باوجود مزاحمت ڏيکاري آھي، جڏهن ته ان ڊگھي عرصي واري استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته حڪومتي بانڊز مالياتي نظام جو بنياد آھن. انھن جي منافعي سان نه رڳو معاشي اميد جي عڪاسي ٿئي ٿي پر ان سان ڪارپوريٽ بانڊز، ھائوسنگ قرض ۽ ڊيوٽيز جي اگهن تي به اثر پوندا آھن. رپورٽ مطابق گذريل ڪجھه سالن ۾ بانڊ مارڪيٽ ۾ ڊيلر (خاص ڪري بئنڪن سان لاڳاپيل پرائمري ڊيلرز) جو ڪردار ڪمزور ٿيو آھي ڇاڪاڻ ته انھن جي بيلنس شيٽس ۾ حڪومتي بانڊز جو مقدار وڌيو آھي پر اهي مارڪيٽ جي مجموعي ڳاڻيٽي جي حساب سان پوئتي رھجي ويا آھن. رپورٽ مطابق ميوچل فنڊز، ھيج فنڊز، ۽ پرنسپل ٽريڊنگ فرمز جهڙا نان بئنڪ مالياتي ادارا ھاڻي مارڪيٽ ۾ نه رڳو سيڙپڪاري پر مارڪيٽ سازي جھڙا اھم ڪردار به ادا ڪري رھيا آھن، جڏھن ته انھن ادارن وٽ اڪثر حڪومتي بانڊ مارڪيٽ جي مدد ڪرڻ جي قانوني ذميواري نه ھوندي آهي.