اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان جي سر زمين تي هر قسم جي دهشتگردي کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، معصوم ٻارن جي شهادت تي پوري قوم ڏکويل آهي. مصعوم ٻارن تي حملو پوري قوم تي حملو آهي. سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ بي ايل اي جهڙهن گروهن کي سکيا ۽ هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اهو رياستي دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن تي اسان سينيٽ ۾ باقائده ٺهراءُ به منظور ڪنداسين. هن ياد ڏياريو ته بينظير ڀٽو کي پڻ دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو اهو مسئلو هڪ پارٽي يا علائقي جو نه پر پوري قوم جو مسئلو آهي. شيري رحمان واضع ڪيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ سياسي ماڻهو نه پر رياست دشمن عنصر آهن، سياسي اختلافن کي دهشتگردي ذريعي طئه نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته معصوم ٻارن کي اسڪول ويندي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو جيڪو معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن ۽ اڄ به دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي. هن ايوان کي آگاه ڪيو ته پاڪستان وٽ ڀارت جي مداخلت ۽ دهشتگردي جا ثبوت آهن جڏهن ته ڀارت اڄ تائين ڪنهن به الزام جا ثبوت فراهم نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته تازي ڇڪتاڻ دوران ڀارت عام شهرين کي نشانو بڻايو جڏهن ته پاڪستان صرف فوجي هدفن کي نشانو بڻائي پنهنجي اخلاقي برتري جو ثبوت ڏنو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي سر زمين تي هر قسم جي دهشتگردي کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.