اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ايمل ولي خان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين جي نامناسب رويي ۽ ريمارڪس تي شديد احتجاج ڪيو. سينيٽر ايمل ولي خان پيش آيل واقعو سينيٽ ۾ اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن هڪ سينيٽر جي عزت آهي ته پي ٽي اي جي چيئرمين جي معاملي کي استحقاق ڪميٽي ۾ موڪليو وڃي. هن چيو ته جهڙي ريت هڪ سينيٽر سان سلوڪ ڪيو ويو اهو نه صرف مذمت جوڳو آهي پر سينيٽ جي توهين برابر آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايوان جي وقار کي نظر ۾ رکندي چيئرمين پي ٽي اي جي رويي بابت معاملو استحقاق ڪميٽي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو . هن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کان پڻ معاملي تي راءِ طلب ڪئي ۽ واضح ڪيو ته سينيٽ پنهنجن ميمبرن جي استحقاق جي تحفظ لاءِ قدم کڻندو.