اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) سينيٽ آفريقي ملڪن سان معاشي، سفارتي، سياسي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جي اظهار تي ٻڌل قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها قرارداد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جو مقصد انهن ملڪن سان معاشي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آفريقي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا پائيدار ۽ گڏيل تاريخي رابطن تي ٻڌل آهن. پاڪستان آفريقي ملڪن جي نئين آبادياتي نظام جي خلاف آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور تائيد ڪري ٿو ڇو ته اها انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد آهي. قرارداد ۾ گڏيل قدرن ۽ گڏيل ثقافتي تنوع جو اعتراف ڪندي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪ آفريقا لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ زور ڏنو ويو آهي. قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان انگيج آفريقا پاليسي جي ذريعي لاڳاپن جي فروغ کي ساراهي ٿو جنهن جو مقصد سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپان کي فروغ ڏيڻ آهي. هي ايوان ان گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته گڏيل قومن جي منشور ۽ اصولن موجب خاص طور تي عالمي لاڳاپن ۾ ڌوئنس ۽ طاقت جي استعمال جي روڪٿام عوام جي خودمختياري، سالميت جو تحفظ،علائقائي خودمختياري جو احترام ۽ انهن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي زور ڏي ٿو. ايوان پاڪستان جي آفريقي ملڪن ۾ گڏيل قومن جي ڇانوَ هيٺ امن مشن کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ، ڏکڻ تعاون سان موجوده عالمي صورتحال سان جامع ترقي ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. آفريقي خطي ۾ نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ هي خطو عالمي امن ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. قرارداد ۾ اهو به اعتراف ڪيو ويو آهي ته ٻطرفي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جي فروغ ۾ پاڪستان ۾ آفريقي ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر جڏهن ته پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جو اهم ڪردار آهي.