اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ خضدار سانحي ۾ شهيد ٿيل معصوم ٻارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ايوان ۾ سينيٽر شهادت اعواڻ شهدين جي درجن جي بلندي، وارثن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ خاص دعا ڪرائي.سينيٽ ۾ ان افسوسناڪ سانحي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. سينيٽ ميمبرن ان واقعي جي شديد مذمت ڪندي ان کي هڪ قومي سانحو قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته ذميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.