اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آفريقي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان ۾ هڪ اهم تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف آفريقي ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اها تقريب”پاڪستان-آفريقا فرينڊ شپ ڊي“ جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ هڪ تاريخي ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هر سال 25 مئي تي پاڪستان- آفريقي دوستي جو ڏينهن ملهائڻ جو باقاعده اعلان ڪيو وڃي ته جيئن ٻه طرفي، گهڻ رخي ۽ عالمي سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي آفريقي سفارتڪارن کي سينيٽ جي ڪارروائي ڏسڻ جو موقعو به ڏنو ويو جڏهن ته انهن جي اعزاز ۾ هڪ خاص آجياڻو به منعقد ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان ان تقريب لاءِ جامع انتظام ڪيا ويا هئا. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آفريقي کنڊ سان گهڻ رخي ۽ پائيدار سهڪار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي نئين بلندين تائين کڻي وڃڻ جو خواهشمند آهي.