بيجنگ – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مسلسل مضبوط قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ حصيداري نئين عروج تي پهچي چڪي آهي. چين جي سرڪاري دوري جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ان دوري کي انتهائي ڪارائتو ۽ اهم سفارتي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته هي دورو پاڪ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 74هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيو جيڪي ڏهاڪن کان هڪ مضبوط دوستي ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن تي روشني وڌي وئي. ان کانسواءِ هن چين – پاڪستان – افغانستان ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه کان اڳ افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن جي ميزباني وانگ يي ڪئي. ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه دوران ٽنهي ڌرين جامع ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايندڙ اجلاس ڪابل ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چين جي ڪميونسٽ پارٽي (سي پي سي) جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي وزير ليو جيانچائو سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي سياسي پارٽين ۽ سي پي سي جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته اهو قدم ٻنهي ملڪن جي گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. اسحاق ڊار دوري جي نتيجن کي پاڪ چين دوستي جي لاءِ هڪ نئون باب قرار ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ خطي ۾استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ويزن تي ڪم ڪندا. هن چيني قيادت سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي لاڳاپن جي گهرائي کي اجاگر ڪندڙ قرار ڏنو.