ڪراچي-21 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اسان جي وزارت لاءِ جن هدفن جو تعين ڪيو آهي انهن کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، ڪراچي ۾ وزارت سان لاڳاپيل ادارا محدود وسيلن باوجود بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، پر بهتري جي گنجائش هميشه موجود رهندي آهي، جنهن لاءِ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جئين انهن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن اردو لغت بورڊ، ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ اردو لغت جي آفيس پهچڻ تي قومي ٻولي کي هٿي ڏيڻ واري اداري جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم مظهر، وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري کي گلدستو پيش ڪيو. اردو لغت بورڊ جي انچارچ طارق بن آزاد اداري جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته هو ٽن ڏينهن کان ڪراچي ۾ آهي ۽ وزارت سان لاڳاپيل ادارن جو دورو ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اردو لغت، پاڪستان ميوزيم، قائد مزار مينيجمينٽ بورڊ سميت سمورا ادارا محدود وسيلن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن پر وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود رهندي آهي. هن چيو ته جتي هيومن ريسورس جي کوٽ هجي ان کي پورو ڪيو ويندو ته جيئن ادارن جي ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي. هن چيو ته جن ادارن ۾ وسيلن جي کوٽ جو ذڪر ڪيو آهي ايندڙ بجيٽ ۾ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.