راولپنڊي-21 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ اربع ڏينهن هڪ ٻي بزدلاڻي ۽ ڏکوئيندڙ حملي ۾ اسڪول جي ٻارن جي بس کي نشانو بڻايو ويو ان حملي ۾ 3 معصوم شاگردن سميت 5 ڄڻا شهيد ٿيا، اها دهشتگردي ڀارت جي منصوبابندي ۽ سرپرستي ۾ ان جي مقامي ايجنٽن ذريعي ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب جنگ جي ميدان ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارت پنهنجي ايجنٽن کي بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشت، بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان جي پرامن علائقن کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائي سگهجي. شروعاتي اطلاعن موجب ان افسوسناڪ واقعي ۾ 3 معصوم ٻار ۽ 2 عام شهري شهيد ٿيا جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا آهن. آپريشن بنيان المرصوص ۾ شرمناڪ شڪست ۽ سيڪيورٽي فورسز جي مسلسل ڪاررواين سبب بوکلاهٽ جو شڪار ڀارتي رياست پنهنجي دهشتگرد ايجنٽن کي پاڪستان ۾ سافٽ هدف خاص ڪري معصوم ٻارن ۽ شهرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور اختيار ڪرڻ ڀارتي سياسي حڪومت جي ڪڌي ذهنيت ۽ انساني قدرن جي مڪمل انڪاري آهي، ان بزدلاڻي ۽ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جو منصوبو جوڙيندڙن، مددگارن ۽ ڏوهارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ ڀارت جو مڪروه چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني هٿياربند فوج پوري پاڪستاني قوم جي حمايت سان سڄي ملڪ مان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي هر شڪل کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ لاءِ پرعزم آهي.