ڪراچي- 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خضدار ۾ اسڪول بس تي دھشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته اسڪول جي ٻارن کي دھشتگردي جو نشاڻو بنائڻ بزدلي ۽ بربريت جي انتھا آھي. بلاول ھائوس مان جاري بيان ۾ ھن چيو ته اھڙي طرح جا واقعا پاڪستاني قوم جا حوصلا گھٽائي نه ٿا سگھن، دھشتگردن کي ختم ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. ھن چيو ته يقين آھي ته خضدار ۾ اسڪول بس حملي ۾ ملوث سمورا دهشتگرد جلد پنھنجي منطقي انجام تائين پھچندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حملي ۾ شھيد ٿيل ٻارن ۽ ٻين ماڻھن جي گھرڀاتين جي غم ۾ برابر جا شريڪ آھيون، خضدار حملي ۾ زخمي ٿيلن شاگردن جي بھتر علاج کي يقيني بڻايو وڃي.