اسلام آباد -21 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي خضدار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف هڪ قوم بڻجي وڙهڻو پوندو. ڀارت دهشتگرد رياست ۽ مودي گجرات جو ڪاسائي آهي، بلوچستان ۾ اڄ ڀارت حملو ڪيو آهي، پاڪستان کان شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ اڄ ان ٻارن تي حملو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خضدار م دهشتگردي جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي راجا پرويز اشرف چيو ته خضدار ۾ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو ٿيو آهي، ويڙهه ۽ جنگ جا به ڪجهه اصول هوندا آهن، ڀارت هاڻي اسان جي ٻارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. راجا پرويز اشرف چيو ته اڄوڪي واقعي ۾ منهنجي تڪ جي شهري صوبيدار محمد سليم جا ٽي ٻار سفر ڪري رهيا هئا، ان جي 17 سالن جي نياڻيءَ شهيد ۽ 2 ٻار زخمي ٿيا آهن، هن چيو ته ڀارت سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، هو اسان کي نشانو بڻائي دنيا ۾ پاڪستان ئي خلاف واويلا ڪري رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيو آهي، اسان جا 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني ان جنگ ۾ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏئي چڪا آهن. هن چيو ته پوري دنيا کي گڏجي ان مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي، پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان ڀارت کي جاچ جي آڇ ڪئي هئي، هندستاني انهي پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان ۾ شهرين کي نشانو بڻايو، پاڪستان جواب ۾ صرف انهن جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ نشانو بڻائڻ کان اڳ ڀارت کي ٻڌائي به ڇڏيو هو. هن چيو ته گڏيل يڪجهتي ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيوي ۽ فورسز کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج بهادري سان ملڪ جو دفاع ڪيو آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي تنهن هوندي به جنگ جي صورت ۾ پاڪستان هر طرح جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پي پي پي جي شازيه مري چيو ته خضدار ۾ افسوسناڪ واقعو مذمت جوڳو آهي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف هڪ قوم بڻجي وڙهڻو پوندو. اڳوڻي حڪومت جي ڪجهه غـلط فيصلا ڪيا جنهن جا نقصان سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪنهن به قوم، نسل يا مزهب سان ڪو به تعلق ناهي هوندو هو صرف دهشتگرد هوندا آهن. هن چيو ته خضدار جهڙي درندگي مان اسان کي آزادي گهرجي، دهشتگردي جهڙي معاملي تي ايوان ۾ بحث کان مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ افسوسناڪ آهي، پي پي پي دهشتگردي خلاف 90 هزار پاڪستانين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون آهن. جيڪي ماڻهو ان کي ڪنهن مذهب سان جوڙيندا آهن اهي ان مذهب جي خدمت نه ڪري رهيا آهن پر ان کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته مودي سرڪار مسلسل دهشتگردي جي حمايت ڪري رهيو آهي، هاڻي ته طالبان سان سندس رابطا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اڄوڪي واقعي جون ڪڙيون به ڀارت سان ئي ملنديون، اسان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت خلاف پرعزم آهيون، اسان کي پاڪستان لاءِ گڏجڻو پوندو. عاليه ڪامران خضدار واقعي جي مذمت ڪندي دهشتگردي خلاف جامع قدمن جو مطالبو ڪيو. شگفته جماڻي چيو ته ڀارت دهشتگرد رياست ۽ مودي گجرات جو ڪاسائي آهي، بلوچستان ۾ اڄ ڀارت حملو ڪيو آهي، پاڪستان کان شڪست جو بدلو اڄ هن ٻارن تي حملو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڀارت اسرائيل ۽ پاڪستان غزه ناهي، ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته دين ۾ معصوم ٻارن، عورتن، ايستائين جو ساوڪ کي به نقصان پهچائڻ کان منع ڪئي وئي آهي، ڀارت ڪينيڊا ۽ آسٽريليا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردي ڪئي آهي. پنهنجي پاليسين سبب ڀارت اڄ دنيا ۾ اڪيلو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هي ايوان ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، مير جمال خان رئيساڻي چيو ته خضدار ۾ بزدل دشمن معصوم ٻارن تي حملو ڪيو آهي، هي پاڪستان تي حملو آهي، بلوچستان ۾ فوج جيڪا جنگ وڙهي رهي آهي اها رڳو فوج جي ناهي پر پوري قوم جي جنگ آهي. هن چيو ته بي غيرت ۽ بزدل دشمن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، اسان کي مذمت کان نڪري عملي قدم کڻڻا پوندا، 2018ع ۾ دهشتگردن کي خوش ڪرڻ جي پاليسي جا ناڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، بلوچستان جو ٻار ٻچو پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن. مير خالد مگسي چيو ته خضدار واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان کي فيصلائتي پاليسي ٺاهيندي دهشتگردن کي چيڀاٽڻو پوندو. هن چيو ته تازي ڀارتي جارحيت کانپوءِ پاڪستان هڪ مضبوط قوم طور اڀريو آهي، اسان کي هاڻي اندروني معاملن تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ڪِريل حرڪتن کان پاسو نٿو ڪري، اسان کي پنهنجي ٻارن کي دهشتگردن کان محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. جمال شاهه ڪاڪڙ چيو ته 10 مئي کانپوءِ هن ايوان ۾ چيو هو ته اسان کي هاڻي اندروني جنگ کي متحد ٿي وڙهڻو پوندو، بلوچستان جي 99.9 سيڪڙو عوام محب وطن ۽ پرامن آهي.