اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي جي لاءِ تعميراتي شعبي جي ترقي تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي، گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي فنانسنگ جي سفارشن کي بجيٽ تجويزن جو حصو بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گهٽ لاڳت هائوسنگ منصوبن سان گهر حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گهٽ لاڳت هائوسنگ منصوبن سان نه رڳو رهائشي منصوبا عام ماڻهو جي پهچ ۾ ايندا پر ملڪي معيشت ترقي ڪندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن هدايت ڪئي ته ٽاسڪ فورس ناڻي واري وزارت ۽ بئنڪن سان گڏجي گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي فنانسنگ جي حوالي سان سفارشون جلد پيش ڪري جنهن کي بجيٽ تجويزن جو حصو بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي جي لاءِ تعميراتي شعبي جي ترقي اهميت رکي ٿي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي حڪومت پاران گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪنڊومونيم ايڪٽ 2025ع ۽ فور ڪلوزر قانون ۾ ترميمون حتمي مرحلن ۾ آهن جن جي منظوري کانپوءِ گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي ذريعي گهرن جي تعمير ۽ ملڪيت جي لاءِ قرض حاصل ڪرڻ آسان ٿيندو. اجلاس کي ٽاسڪ فورس پاران تعميراتي شعبي خاص طور تي گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي شروعات بابت هيستائين جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، رياض حسين پيرزاده، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.