اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم جي دوري جي موقعي تي ٻنهي ڌرين گڏجي پنهنجي مضبوط دوستي ۽ عالمي ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ جو ورجاءُ ڪيو.