اسلام آباد -21 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ عالمي سفارتي مهم لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگ ٿي ته نتيجو رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندو، ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت دهشتگردي جي آڙ ۾ جارحيت ڪئي، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، خطي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڻي جي مسئلي تي ايندڙ نسل جنگ وڙهندا؟ اهو افسوسناڪ آهي، ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگ ٿي ته نتيجو رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندو، پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي، ان کي سڄي دنيا ۾ پهچائي رهيا آهيون، مودي بي بنياد الزام لڳايا، وزيراعظم غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو. سفارتي ڪميٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڻي جي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسلن جي ذميواري آهي ته نئين مستقبل لاءِ جدوجهد ڪن. ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، سفارتي ڪميٽي جي ميمبر مصدق ملڪ چيو آهي، ته ڀارت جي جارحاڻن قدمن سان نوان تڪرار پيدا ٿيا، بنا شاهدين جي الزام لڳائڻ جو بيانيو اسان دفن ڪيو آهي، حقيقتون عالمي برادري سامهون رکنداسين، هن چيو ته ان جنگ ۾ ڀارت عام شهرين کي نشانو بڻايو، ڀارت کي جيڪو تڪبر هو اهو ٽٽي ويو، پوئين ڀيري ڀارت چيو هو ته رافيل هجي هان ته هيئن ٿي وڃي ها هونءَ ٿي وڃي ها. اسان سندن رافيل کي پکين وانگر ڦٿڪندي زمين تي ڪرندي ڏٺو. مصدق ملڪ چيو ته اسان امن پسند ماڻهو آهيون، امن سان رهڻ چاهيون ٿا، ڪنهن جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته جواب ان کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ ڏنو ويندو جيڪو تازو ئي سڀني ڏٺو، ڪنهن جي به بالادستي ناهي، ڀارت سان برابري جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. اڳوڻي وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته ڀارت آبي جارحيت ڪري رهيو آهي، ڀارت جو مسلم مخالف ۽ پاڪستان مخالف بيانيو کيس جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، ڀارت غير ذميوار رياست آهي، سندس رويو جارحاڻو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار بيلسٽڪ ميزائيل استعمال ڪري خطي کي ايٽمي جنگ جي ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. ڪميٽي جي ميمبر فيصل سبزواري چيو ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي، ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، اسان جو مقصد پاڪستان جو ڪيس سڀني سامهون رکڻ آهي.