اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خضدار ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي بس تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. جاري ڪيل بيان ۾ ھن شھيدن جي گھر ڀاتين سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪندي چيو ته سموري قوم ڏک جي هن گھڙي ۾ شھيدن جي گھرڀاتين سان گڏ آھي. معصوم ٻارن جي بس تي حملو انتھائي بزدلاڻو ۽ شرمناڪ عمل آھي جنھن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گھٽ آھي. معصوم ٻارن تي حملو ڪرڻ وارن جو ڪنھن به مذھب ۽ انسانيت سان ڪو تعلق ناھي. دھشتگردي جي بزدلاڻين ڪارروائين ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچايو ويندو. دھشتگردي جي ان ڪارروائي جي منصوبه بندي ڪندڙ ڏوھارين کي جلد قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حملي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي، شھيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ دعا ڪئي.