چارلس شواب چئلينج گالف ٽورنامينٽ 22 مئي کان آمريڪا ۾ شروع ٿيندو

نيويارڪ - 21 مئي(اي پي پي) چارلس شواب چئلينج گالف ٽورنامينٽ 22 مئي کان آمريڪا ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ ڪامياب نموني ڪرائڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ٽورنامينٽ ۾ دنيا جا مشهور گالف جا رانديگر ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪندا. ميزبان آمريڪي گالفر ڊيوس ريلي ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ لاءِ 95 لک آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. 22 مئي تي شروع ٿيندڙاهو ايونٽ چار ڏينهن …

نيويارڪ – 21 مئي(اي پي پي) چارلس شواب چئلينج گالف ٽورنامينٽ 22 مئي کان آمريڪا ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ ڪامياب نموني ڪرائڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ٽورنامينٽ ۾ دنيا جا مشهور گالف جا رانديگر ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪندا. ميزبان آمريڪي گالفر ڊيوس ريلي ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ لاءِ 95 لک آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. 22 مئي تي شروع ٿيندڙاهو ايونٽ چار ڏينهن جاري رهندو جيڪو 25 مئي تي ختم ٿيندو. اهو آمريڪا ۾ پي جي اي ٽور چيمپئينز سيزن جو آخري ايونٽ آهي، جنهن ۾ 50 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جا مرد گالفر شرڪت ڪندا آهن. ان کان اڳ ايونٽ کي سينئر ٽور چيمپئن شپ جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو . هي ايونٽ آمريڪي رياست ايريزونا جي گاديءَ واري هنڌ ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي واري شهر فينڪس ۾ منعقد ڪيو ويندو. ٽورنامينٽ 70 هو لز جي اسٽروڪ پلي جي بنياد تي کيڏيو ويندو.