اسلام آباد-20 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري نيٽ ميٽرنگ لاءِ نئين درخواستن جي طريقيڪار کي آسان، شفاف ۽ صارف دوست بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ان عمل ۾ درپيش مسئلن جو فوري ۽ اثرائتو حل ڳولهيون وڃي. توانائي واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن نيٽ ميٽرنگ جي نئين ڪنيڪشنز جي آن لائن پورٽل ذريعي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي اهلڪارن کي نئين پورٽل بابت ضروري ٽريننگ ڏني وڃي ۽ ان جو عملي مظاهرو به ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته بجلي صارفين کي پورٽل جي استعمال ۽ شفافيت بابت آگاهي پروگرام ڏنو وڃي.