لاهور-20 مئي (اي پي پي) ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي پلي آف مرحلي جي شروعات 21 مئي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿي رهي آهي، جتي ڪرڪيٽ جا سنسني خيز مقابلا شروع ٿيندا. پهرين پلي آف ميچ ڪواليفائر شام 7:30 وڳي کيڏي ويندي، جنهن ۾ پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ٻي نمبر تي موجود دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏي ويندي. ايليمنيٽر ون جيڪو 22 مئي تي لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ ٿيندو. جڏهن ته ڪواليفائر ٽو 23 مئي تي کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪواليفائر ون جي شڪست کاڌل ٽيم ۽ ايليمينيٽر ون جي فاتح ٽيم آمهون سامهون ٿيندي. ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جو فائنل آچر ڏينهن 25 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.