وفاقي ڪابينا جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو جُون خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معرڪه حق، آپريشن بُنيانِ مرصوص جي اعليٰ حڪمت عملي ۽ دليراڻي قيادت جي بنياد تي ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته آرمي چيف جي بي مثال قيادت جي ڪري پاڪستان کي معرڪه ۾ …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معرڪه حق، آپريشن بُنيانِ مرصوص جي اعليٰ حڪمت عملي ۽ دليراڻي قيادت جي بنياد تي ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته آرمي چيف جي بي مثال قيادت جي ڪري پاڪستان کي معرڪه ۾ تاريخي ڪاميابي ملي. وفاقي ڪابينا ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو جو ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. وزيراعظم پوري پاڪستاني قوم کي معرڪه حق دوران آپريشن بُنيانِ مرصوص جي شاندار ڪاميابي ۽ دشمن جا ارادا خاڪ ۾ ملائڻ تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان حڪومت پاران معرڪه حق، آپريشن بُنيانِ مرصوص جي اعليٰ حڪمت عملي ۽ دليراڻي قيادت جي بنياد تي ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تازو ئي پاڪستان تاريخ جي ڏکئي مرحلي مان گذريو. وفاقي ڪابينا چيو ته 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي رات ڀارت پاڪستان تي اشتعال انگيز ۽ بنا جواز جنگ مڙهي، پاڪستان جي سول آبادي ۾ معصوم شهرين بشمول عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، دشمن پاران پاڪستان جي خودمختياري ۽ سرحدي سالميت کي پائمال ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير مثالي جرئت ۽ عزم سان پاڪ فوج جي قيادت ڪئي ۽ هٿياربند فوج جي جنگي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ڀرپور طريقي سان هم آهنگ ڪيو، آرمي چيف جي بي مثال قيادت جي ڪري پاڪستان کي معرڪه حق ۾ تاريخي ڪاميابي ملي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم پاران جنرل سيد عاصم منير کي سندس شاندار عسڪري قيادت، جرئت ۽ بهادري، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي يقيني بڻائڻ ۽ دشمن جي مقابلي ۾ دليراڻي دفاع جي اعتراف ۾ فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي. بيان موجب وزيراعظم صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس ان فيصلي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. حڪومت ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو پڻ متفقه فيصلو ڪيو. وفاقي ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن، غازين، شهيدن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي آپريشن بُنيانِ مرصوص دوران انهن جي اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ اعليٰ سرڪاري ايوارڊز سان نوازيو ويندو.