وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معرڪه حق دوران آرمي چيف کان وٺي هر سپاهي وطن جي دفاع لاءِ دليري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سرحدن تي دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معرڪه حق دوران آرمي چيف کان وٺي هر سپاهي وطن جي دفاع لاءِ دليري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سرحدن تي دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آرمي چيف معرڪه حق دوران آپريشن بُنيانِ مرصوص ۾ پنهنجي قائداڻي ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. جنرل سيد عاصم منير کي الله تعاليٰ بي مثال خوبين سان نوازيو آهي، آپريشن بُنيانِ مرصوص جي ڪاميابي ۾ سندس دليري، سگهه ۽ دانشمندي جو اهم ڪردار هو. هن چيو ته آرمي چيف جي وطن جي دفاع لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ آپريشن بُنيانِ مرصوص جي ذريعي خطي ۾ طاقت جي توازن کي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدمن تي کيس فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. هن چيو ته معرڪه حق جي دوران آرمي چيف کان وٺي سرحدن تي دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندڙ هر سپاهي وطن جي دفاع لاءِ دليري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، مون سميت پوري قوم کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس قيادت ۾ پنهنجي بهادر فوج جي غازين ۽ شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي.