صدر پاران سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي حملن جي جواب ۾ پاڪستان جي موثر جوابي ڪارروائي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج ساراهه جي مستحق آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اشتعال انگيز ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي حملن جي جواب ۾ پاڪستان جي موثر جوابي ڪارروائي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج ساراهه جي مستحق آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اشتعال انگيز ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ دشمن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته فيلڊ مارشل جو عهدو وطن جي دفاع خاطر توهان جي خدمتن جو اعتراف آهي. صدر چيو ته ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ جنرل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج بهترين حڪمت عملي سان دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خدمتن کي ساراهي ٿي. صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو کي پنهنجي عهدي جي مدي ۾ توسيع تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايئر چيف مارشل جي ڪامياب جنگي حڪمت عملي جي ڪري پاڪستان دشمن کي سخت جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ ڀارتي فضائيه کي شڪست ڏني. صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.