لنڊن- 20 مئي (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽي – 20 ڪرڪيٽ ميچ اربع 21 مئي سينٽ لارنس گرائونڊ، ڪينٽربري ۾ کيڏيو ويندو. انگلينڊ ۽ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) موجب، ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري دوران انگلينڊ وومين ٽيم خلاف ٽن ٽي – 20 ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن ميچن جي ٽي – 20 سيريز جي ٻي ميچ 23 مئي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 26 مئي تي ڪائونٽي گرائونڊ، چيلمس فورڊ ۾ کيڏي ويندي. پهريون ٻئي ٽي – 20 ميچون رات جو فلڊ لائيٽس ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته ٽين ميچ ڏينهن جو کيڏي ويندي. ٽي – 20 سيريز جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڊربي پهچندي جتي اها 30 مئي تي ميزبان انگلينڊ خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ کيڏندي. اها ميچ ڪائونٽي گرائونڊ، ڊربي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 4 جون تي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 7 جون تي ڪوپر ايسوسيئيٽس ڪائونٽي گرائونڊ، ٽائونٽن ۾ کيڏي ويندي. ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز جون پهريون ٻه ميچون ڊي-نائيٽ هونديون، جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ ڏينهن جي روشني ۾ کيڏيو ويندو.