راولپنڊي – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان نيوي ڊاڪ يارڊ جو دورو ڪيو جتي هن آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ ۾ پاڪستان نيوي جي اهم ڪردار تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم جي اچڻ تي چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سندس استقبال ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو پڻ ان موقعي تي موجود هئا. دوري دوران وزيراعظم ٽائپ 054 – اي ڪلاس ڊسٽرائر پي اين ايس تيمور تي سوار ٿي پاڪستان نيوي جي اسٽريٽجڪ معاملن، آپريشنل سرگرمين ۽ جاري آپريشن دوران ذڪر جوڳي خدمتن تي ڪمانڊر پاڪستان فليٽ کان بريفنگ ورتي. وزيراعظم پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي پيشيواراڻي صلاحيت، جنگي تياري ۽ قومي دفاع جي لاءِ عزم ۽ استقامت کي ڀرپور ساراهيو. هن پوري قوم پاران ٿورا ادا ڪيا ۽ هٿياربند فوج جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. جوانن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي جي مستحڪم حڪمت عملي، آپريشنل مهارت ۽ موثر دفاعي صلاحيت دشمن جي سامونڊي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب آهي. هن سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت ۽ سامونڊي خودمختياري جي تحفظ ۾ نيوي جي ڪردار کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان نيوي جي فيصلائتي ڪاررواين جي روشن تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان نيوي هر وقت هر قسم جي هاءِ انٽينسٽي آپريشن، بشمول تاريخي آپريشن دوارڪا جهڙي مشن، سرانجام ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.