راولپنڊي – 19 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج پاران بلوچستان ۾ ٻن مختلف ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي نام نهاد بلوچ لبريشن فرنٽ سان تعلق رکندڙ ٽي دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ضلعي آواران جي علائقي گشڪور ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي سرپرست دهشتگرد يونس مارجي ويو جڏهن ته ٻه ٻيا دهشتگرد زخمي ٿيا. هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ضلعي ڪيچ جي علائقي تربت شهر ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن ڀارتي سرپرست دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جن جي سڃاڻپ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي سرغنه صبر الله ۽ دهشتگرد امجد عرف بڇو جي طور تي ٿي آهي. مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ برآمد ڪيو ويو آهي. اهي دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به باقي رهجي ويل دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڀارتي پراڪسيز جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.