اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) ملڪ جي اقتصاديات جو ماهر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو اڳوڻو گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين گذريل ڏينهن ايس ڊي پي آءِ سينٽر ۾ سينيئر مشير جي حيثيت سان ڳنڍجي ويو. ڊاڪٽر عشرت حسين گذريل 5 ڏهاڪن کان مختلف سطح تي شواهداتي بنياد تي سڌارن ۾ اهم خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. پائيدار ترقي واري اداري ۾ سب معاشي ۽ اقتصادي طور تي سرڪاري ادارا جات جي سڌارن تي تحقيق ۽ مشاهدو ڪندو. ان موقعي تي ايس ڊي پي آءِ جي سربراهه ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته ڊاڪٽر عشرت حسين جي اسان جي اداري سان وابستگي بنا ڪنهن شڪ جي ملڪ ۽ ادارن لاءِ سٺو قدم هوندو. اداري جي نوجوانن کي ڊاڪٽر عشرت حسين جي مهارت، ذهانت ۽ وسيع البنياد تجربي مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملندو.