اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) پاڪستان آپريشن ”بُنيانِ المرصوص“ ۾ شاهين ميزائيل جي استعمال جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد دعوائن جي جواب ۾ چيو ته پرڏيهي وزارت ڀارتي ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ انهن بي بنياد الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو جن ۾ اها ڪوڙي دعويٰ ڪئي وئي ته پاڪستان آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ جي دوران شاهين ميزائيل استعمال ڪيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اها دعويٰ ڀارتي فوج جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل پاران هڪ وڊيو جاري ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿي آهي جنهن ۾ مبينا طور تي پاڪستان جي شاهين ميزائيل جو استعمال ڏيکاريو ويو. ترجمان چيو ته اهو سمجهندي ته اها دعويٰ بي بنياد آهي، ڀارتي فوج فوري طور تي گمراهه ڪندڙ وڊيو کي هذف ڪري ڇڏيو جڏهن ته ان وقت تائين ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه حصا اڳ ۾ ئي بنا تصديق جي ڪوڙي بيانيي کي اڳتي وڌائي چڪا هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪجهه ڀارتي ميڊيا ادارا ان ڊس انفارميشن جو پرچار ڪري رهيا آهن. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڀارتي فوج جو آفيشل هينڊل ان معاملي تي خاموش آهي جڏهن ته ان غلط پوسٽ جي لاءِ نه ته وضاحت ڪئي ۽ نه ئي ان جي ترديد ڪئي آهي. تجزيه نگارن جو مشاهدو آهي ته اهڙي طرح جي ڊس انفارميشن مهم آپريشن ”سندور“ ۾ ڀارت جي ناڪامين کي ڄاڻي واڻي طور تي لڪائڻ جي ڪوشش جو حصو آهي جيڪي پاڪستان جي روايتي فوجي صلاحيتن جي مظاهري جو نتيجو هيون. وڌيڪ اهو ته اهي هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون نئين دهلي پاران جنگبندي جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ بيانيي ۽ پاڪستان پاران نام نهاد ”ائٽمي بليڪ ميلنگ“ جي بي بنياد الزامن کي هوا ڏيڻ جي جاري ڪوششن سان هم آهنگ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي رينج آءِ ايس پي آر جي 12 مئي 2025ع جي پريس ريليز ۾ تفصيل سان بيان ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج پريسيزن گائيڊڊ، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ الفتح سيريز جي ميزائيل ايف 1 ۽ ايف 2 سان گڏوگڏ جديد گولي ۽ بارود، انتهائي باصلاحيت لانگ رينج لوئٽرنگ ڪلر ڊرون ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آرٽلري جو استعمال ڪيو. انهن اثاثن جي ذريعي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جن فوجي جاين کي نشانو بڻايو ويو آهي اهي به 12 مئي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ريليز ۾ بيان آهن. ترجمان چيو ته غيرتصديق ٿيل ۽ اشتعال انگيز مواد کي ڦهلائڻ نه رڳو علائقائي استحڪام جي لاءِ نقصانڪار آهي اهو سرڪاري ادارن جي ناقص پيشيواراڻي صلاحيت جو به غماز آهي.