ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وزيراعظم جي ڪراچي پهچڻ تي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان نيوي ڊاڪ يارڊ جو دورو ڪندو ۽ وزيراعظم بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم معرڪه حق جي دوران پاڪستان جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي پاڻين جي حفاظت ڪندڙ پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪندو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.