اسلام آباد -19 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ سُومر جي صبح جو سوير جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس پراجيڪٽ جو دورو ڪيو، جتي هن اڏاوتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. گهرو وزير محسن نقوي اڏاوتي سرگرميون مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي سمورن حصن تي هڪ ئي وقت ڏينهن ۽ رات ست ئي ڏينهن ڪم جاري رکيو وڃي. انڊر پاس جي اڏاوت سان ايئرپورٽ کان مري ۽ ڪشمير تائين سگنل فري ڪوريڊور جي سهولت ملندي. شهرين جي وقت سان گڏ و گڏ کين ٻارڻ جي به بچت ٿيندي. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا پراجيڪٽ تي ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڏاوتي سرگرميون مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن، جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس منصوبي جي ڇت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، انڊر پاس تي هارٽيڪلچر سميت اليڪٽريڪل ورڪ جي شروعات ڪئي وئي آهي. منصوبي جي ڊرينج سسٽم، روڊ ورڪ سان گڏ اسفالٽ جو ڪم به تيزي سان جاري آهي.