روم -19 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن بابت مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي، ته پوپ ليو جي قيادت سمورن مذهبن وچ ۾ هم آهنگي جي اميد کي هٿي ڏيندي ۽ سندس آواز سڄي دنيا ۾ انصاف ۽ همدردي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته پوپ ليو جي يادگار تقريب ۾ پاڪستان طرفان سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ۽ پنجاب جي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير رميش سنگهه اروڙه شرڪت ڪئي. پوپ ليو جي 267هين يادگاري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پوپ ليو جي اتحاد جي پيغام کي ساراهيندي چيو ته سندس اقتدار جو دور عالمي امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي لاءِ اميد آهي، هن پوپ ليو کي پاڪستان جي عوام طرفان مبارڪون ڏيندي چيو ته پوپ ليو جو آواز انصاف ۽ همدردي جي حوالي سان سمورن مذهبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پوپ ليو پاڪستان جي سرڪاري دوري جو خواهشمند آهي. وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستاني وفد جي ان تقريب ۾ موجودگي امن ۽ گڏيل بقا جي هڪجهڙن قدرن جو ثبوت آهي. هن چيو ته پوپ ليو جي قيادت بين المذاهب هم آهنگي جي اميد کي هٿي ڏيندي.