پشاور -18 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سفارتي وفد جي سربراهي سونپڻ کي وزيراعظم جو دانشمنداڻو فيصلو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صلاحيتن جو اعتراف قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ گورنر چيو ته ڀٽو خاندان هميشه هر محاذ تي پاڪستان جي ترقي ۽ نيڪ نامي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. سفارتي ميدان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن ۽ صلاحيتن جي سڄي دنيا اعتراف ڪري ٿي. گورنر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير طور مثالي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ تازو ئي پاڪ ڀارت جنگ ۾ جنهن انداز سان ملڪ جو دفاع ڪيو، ان کي سڄي دنيا ۾ پاڪستاني برادري ۽ پاڪستان جي دوست ملڪن ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان تازو ڪيل فيصلي سان پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي نيڪ نامي وڌائڻ جي حوالي سان مثالي ثمر ملندا.