اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته حڪومت ٽيرف ريشنلائزيشن ذريعي ملڪي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالرن تائينو ڌائڻ لاءِ جامع اقتصادي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. واپار واري وفاقي وزير اي پي پي سان پنهنجي خاص انٽرويو ۾ چيو ته ٽيرف ريشنلائيزيشن اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي جي اقتصادي ۽ واپاري پاليسين جي هدفن ذريعي ايندڙ پنجن سالن ۾ قومي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ جو منصوبو آهي. واپار واري وفاقي وزير چيو ته واپاري لبرلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۾ ٽيرف جو اهم ڪردار آهي جنهن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي حڪومت هڪ جامع ٽيرف پاليسي ٺاهي آهي، جنهن سان ملڪي واپار جو ڳاڻيٽو وڌندو ۽ پاڪستان کي نيئن مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملندو. ڄام ڪمال خان چيو ته حڪومت ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاليسي گائيڊ لائينز ڏئي رهيو آهي. مختلف ملڪن سان آزاد واپاري معاهدن (ايف ٽي ايز) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ملڪ جي واپار کي وڌائڻ ۽ انهن معيشتن سان ملڪ جي واپار کي آزاد ڪرڻ جو آپشن ڏيڻ لاءِ عالمي مارڪيٽ ۾ نيون شيون متعارف ڪرائڻ لاءِ واپاري دٻاءَ تي ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان، چين، ملائيشيا ۽ سريلنڪا سان ايف ٽي اي کي حتمي شڪل ڏني آهي ۽ اهڙي طرح ترڪيه، ٿائيلينڊ ۽ ايران سان ايف ٽي اي اڃا ڳالهين جي مرحلي ۾ آهي جنهن ۾ ٽيرف پاليسي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن ازبڪستان، آذربائيجان ۽ انڊونيشيا سان پاڪستان جو ترجيحي واپاري معاهدو (پي ٽي اي) انهن ملڪن سان واپار ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي واپار ۾ آزاد واپار جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان حوالي سان پاليسيون جوڙي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ٽيرف ريشنلائيزيشن پاليسي سبب ملڪي معيشت بهتر ٿيندي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ صنعتي، واپار ۽ واپاري چٽاڀيٽي حاصل ٿيندي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ڊيٽا سائنس ۽ شماريات اهم آهن ۽ حڪومت 15 امڪاني روانگي واپار ڪندڙ شعبن جي سڃاڻپ جو مطالعو ڪيو آهي ۽ مختلف تڪن ۾ دستياب انگن اکرن جي روشني ۾ ٽيرف کي گهٽائڻ يا وڌائڻ لاءِ عملي فيصلا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علائقائي واپار تي حڪومت جو بنيادي ڌيان آهي ۽ آذربائيجان سميت پنج وچ ايشيائي رياستن، يورپي ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ لاءِ اهم آهن. وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان، قازقستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ڪرغزستان پاڪستان سان مستقبل جي واپار ۾ اهم واپاري حصيدار آهن.