اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ جينياتي تحقيق ۾ حصيداري سان نوان امڪان روشن ٿيا آهن. پاڪستان ۾ جينياتي تحقيق جي قومي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم اڪڀرائي ٿي رهي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) جي سربراهه سان چين جي ناليواري اداري بي جي آءِ گروپ سان تعاون جي حوالي سان اجلاس دوران بي جي آءِ گروپ کان تعاون کي هٿي ڏيڻ جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس هاڻوڪن ملاقاتن جي تسلسل ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ بي جي آءِ گروپ پاڪستان جي صحت جي شعبي جي معاونت ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪ چين ڀائيواري سان خاص طور جينياتي ٽيسٽنگ، ناياب بيمارين جي تحقيق ۽ سڃاڻپ ڪئي ويندي. مختار احمد ڀرٿ چيو ته ايندڙ نسلن جي فائدي لاءِ جين بئنڪ جي قيام جي تجويز به شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان چين سائنسي تعاون سان بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ ۽ روڪٿام جو نئون دور شروع ٿيندو. هن عالمي تعاون موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان اڳ ئي پنهنجي فني ترجيحن ۽ اسٽريٽجڪ ضرورتن جي باري ۾ سفارشون طئي ڪندو. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اين آءِ ايڇ ٻن کان ٽن ماهرن تي ٻڌل فني ٽيم جوڙيندي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستاني وفد بي جي آءِ گروپ جي ٿيليسيميا، تولد صحت ۽ ڪينسر ريسرچ جو جائزو وٺندي. وفد ناياب مرضن جي شعبن م بي جي آءِ جي منصوبن ۽ ٽيڪنالاجي جو به جائزو وٺندو. صحت وارو قومي ادارو پاڪستان جي جينياتي هدفن تي ٻڌل تفصيلي سفارشون جوڙيندو جنهن ۾ پاڪستان جي جينياتي صحت جي هدفن جي ضرورتن ۽ ترجيحن جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته بي جي آءِ گروپ جي مهارت کي موثر طريقي سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو. هن بي جي آءِ گروپ طرفان چين ۾ انهن سهولتن لاءِ پاڪستاني وفد کي دوري جي دعوت جي به آجيان ڪندي چيو ته ٽيم جي دوري ۽ ماهرن جي مشاورت کان پوءِ حڪومت بي جي آءِ سان مفاهمت جي يادداشت طرف اڳڀرائي ڪندي، هي قدم پاڪستان جي حياتياتي تحقيقاتي نظام ۾ هڪ انقلابي تبديلي جو بنياد رکندو.