اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسمين ملڪ جي گهر واري مشعال حسين ملڪ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي موجوده صورتحال تي پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي، ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي شڪست جي شرمندگي لڪائڻ لاءِ پنهنجي سڄي ڪاوڙ معصوم ڪشميرين تي ڪڍي رهيو آهي، شڪست کان پوءِ مودي مايوس ۽ خوف جو شڪار آهي، جنهن هزارين ڪشميرين کي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کان زبردستي ڏوهن جو اعتراف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مودي سرڪار ڪشميرين جي ڪاروبار کي تباهه ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪشميري شاگردن کي ڀارت جي يونيورسٽين مان ڪڍيو پيو وڃي ۽ انهن جون ڊگريون ختم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي لکندڙن کي خاموش ڪيو پيو وڃي. شڪست کان پوءِ مودي سرڪار مختلف هربا استعمال ڪري رهي آهي، مودي حڪومت جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ڪشميرين کي ڪشمير مان ڪڍڻ ۽ نئين هندو آبادي کي اتي آباد ڪرڻ. هن چيو ته پاڪستان جي فتح جي نتيجي ۾ ڀارت ڪشميرين تي ظلمن ۾ اضافو ڪيو آهي، هن زور ڀريو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين جو آواز بڻجي انهن کي خوداراديت وارو حق ڏياري.