اسلام آباد -17 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪري عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ۽ دنيا کي پاڪستان جي امن جو موقف پيش ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي، جيڪا مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي ۽ چيو آهي، ته مان هڪ وفد جي اڳواڻي ڪندي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪيان ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي امن جو موقف پيش ڪيان. هن چيو ته مون کي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي جي ذميواري قبول ڪرڻ تي فخر آهي. مان ان ڏکين حالتن ۾ پاڪستان جي خدمت لاءِ پرعزم آهيان. پاڪستان زنده باد.