اسلام آباد -17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڀارتي پروپئگنڊه بي نقاب ڪرڻ لاءِ جوڙيل وفد جي اڳواڻي سونپي ڇڏي. وفد ڀارتي پروپئگنڊه ۽ مڪروه سازشن کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ ڀارتي پروپئگنڊه کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ جوڙيل وفد جي اڳواڻي بلاول ڀٽو زرداري کي سونپي ڇڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتي پروپئگنڊه ۽ مڪروهه سازشن کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪرڻ لاءِ سفارتي وفد لنڊن، واشنگٽن، پيرس ۽ برسلز موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انجنيئر خرم دستگير، سينيٽر شيري رحمان، حنا رباني کر، فيصل سبزواري، تهمينه جنجوعا ۽ جليل عباس جيلاني وفد ۾ شامل آهن. وفد لنڊن، واشنگٽن، پيرس ۽ برسلز ۾ خطي ۾ ڀارت جي پروپئگنڊه ۽ امن کي تباهه ڪرڻ وارين ڪوششن کي بي نقاب ڪندو. وفد پاڪستان جي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي به اجاگر ڪندو.