لاهور-17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ “زرعي شعبي ۾ قومي سطح تي جدت ۽ گروٿ ايڪشن پلان“ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاسڪو هيڊ آفيس لاهور ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وزيراعظم جو ويزن زرعي شعبي کي گروٿ کي بهتر بڻائي 2030ع تائين ان جي روانگي واپار کي 125 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچائڻ آهي، هن چيو ته وزيراعظم قومي سطح تي سبز انقلاب 2 آڻڻ چاهي ٿو ان مقصد لاءِ زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جهڙن اهم شعبن ۾ 28 ٽرانسفارميشن قدم کڻڻا آهن ته جيئن انهن شعبن جي ويليو چين کي بهتر بڻائي ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ خاطر خواه اضافو ڪري سگهجي. وزيراعظم جي ڏنل ٽاسڪ موجب انهن شعبن ۾ بهتري لاءِ 6 ورڪنگ گروپس تحت انهن سمورن سيڪٽرز ۾ بهتري آندي ويندي. انهن گروپس تحت سمورن شعبن ۾ ٽيڪنالاجي اينڊ آءِ ٽي، ريسرچ ۽ آبادگارن جي سگهه ۾ واڌ، زرعي ميڪانائزيشن کي هٿي وٺرائڻ، آبادگارن جي مالي خودمختياري، قانوني ۽ ريگوليٽري فريم ورڪ جي جوڙجڪ ۽ زرعي ترقي ۾ واڌ لاءِ قدم شامل آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير پنجاب ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تيز ترقي کي ساراهيو ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي هاري دوست قدمن جي ساراهه ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته آبادگارن کي ڊجيٽل بااختيار بڻائڻ لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن کين دروازي تائين سموريون سهولتون ملي سگهن.