اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي پاڪستان دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. 10 مئي کي جهڙيءَ طرح پاڪستاني قوم ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، اهو اسان جي قومي خودداري ۽ دفاعي صلاحيت جو مظهر آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان پنهنجي آزادي ۽ علائقائي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو. احسن اقبال جو چوڻ هو ته جيئن 28 مئي اسان جو قومي تاريخي ڏينهن آهي، اهڙيءَ طرح 10 مئي تي اسان جي قوم ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به ناپاڪ اِرادي يا اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي اعتماد کي معاشي ترقي طرف موڙي. اسان جي ايندڙ منزل معاشي خودمختياري آهي. اسان کي پنهنجن وسيلن تي ڀاڙيندي عوام کي زندگيءَ جو بهترين معيار ڏيڻو آهي. وفاقي وزير اُڏام پاڪستان منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو قدم ملڪ کي اقتصادي ترقيءَ جي نين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ نهايت اهم آهي. اهو ئي وقت آهي اسان سڀ مستقل مزاجي سان ان منصوبي تي عمل ڪريون، ته جيئن پاڪستان نه صرف دفاعي ميدان ۾ پر معاشي ميدان ۾ به هڪ مضبوط قوت بڻجي.