اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ”ڊيجيٽل پاڪستان“ ويزن تحت پاڪستان ۾ شفاف، موثر ۽ عالمي معيار جي سرڪاري خريداري جو نظام قائم ڪرڻ طرف هڪ ٻي اهم اڳڀرائي ڪندي پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي حصيداري سان خريداري ۽ ڪانٽريڪٽ مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ مهارت وڌائڻ جي لاءِ هڪ جامع تربيتي پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي سرڪاري خريداري جي نظام کي شفاف، موثر ۽ احتسابي بنيادن تي قائم ڪرڻ جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي پيپرا اڳ ۾ ئي عالمي بئنڪ ۽ ملڪ جي ناليوارين يونيورسٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. ان حصيداري جو مقصد نه رڳو خريداري جي نظام جي لاءِ هڪ جديد فريم ورڪ جي جوڙجڪ آهي پر يونيورسٽي جي نصاب ۾ پروڪيورمنٽ بابت تعليمي مواد شامل ڪري پيشيواراڻي ماڻهن کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ پڻ آهي. انهي مقصد تحت پيپرا ۽ نسٽ جي پروفيشنل ڊيولپمينٽ سينٽر پاران شروع ڪيل ٻي بيچ ۾ چار مهينن جي خصوصي ڊپلوما پروگرام جي باقاعده شروعات 18 مئي 2025ع تي اسلام آباد ۾ ڪئي پئي وڃي، ان پروگرام جو مقصد سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن، قانوني صلاحڪارن، ڪسنلٽنٽس ۽ ترقياتي شعبي جي ماهرن کي جديد خريداري قانونن، معاهداتي نظم ۽ ضبط ۽ عالمي معيار جي عملي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي ان موقعي تي چيو ته اهو پروگرام رڳو تربيت نه پر خريداري نظام ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي، اهو قدم سرڪاري آفيسرن، نجي شعبي جي ماهرن، سپلائرز، ڪاروباري ادارن ۽ ترقياتي شعبي جي ماهرن کي خريداري جي ضابطن، بهترين عملي طريقن ۽ معاهده سازي جي حوالي سان تربيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين بشمول حڪومتي ادارن تي زور ڏنو ته ان تربيتي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ته جيئن شفافيت، جوابدهي ۽ ڪارڪردگي جي گهربل هدفن کي حاصل ڪري سگهجي. ان تربيتي پروگرام جي ڪورس ۾ شفاف عوامي خريداري جي اصول، قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ، ڪانٽريڪٽ مئنيجمينٽ، اي پروڪيورمنٽ اي پيڊز جي ذريعي، عالمي منصوبن جي خريداري، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊلز ۽ جديد خريداري جي حڪمت عملين جو جائزو جهڙا موضوع شامل آهن. ايم ڊي پيپرا حسنات احمد قريشي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايتن تي وفاقي ادارن ۾ خصوصي پروڪيورمنٽ سيلز قائم ڪيا ويا آهن ۽ اي پيڊز جي ذريعي خريداري جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن سيلز ۾ مقرر آفيسرن کي مسلسل تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن شفافيت، جوابدهي ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جي لاءِ موثر قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي.