اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي سي ايس ايس جي امتحانن لاءِ اميدوارن لاءِ عمر جي حد 5 سال وڌائڻ ۽ 2026ع کان اميدوارن جي عمر جي حد 35 سال مقرر ڪرڻ جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوشين افتخار رولز معطل ڪرڻ ۽ قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن قراردد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته سي ايس ايس جي اميدوارن لاءِ عمر جي حد ۾ 5 سالن جي رعايت ڏني وڃي ۽ 2026ع کان سمورن اميدوارن لاءِ عمر جي حد 35 سال جڏهن ته موقعن جو انگ 5 ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ايوان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.