اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي ميمبرن ڀارت کي شڪست ڏيڻ تي پوري قوم ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمنن جو متحد ٿي ۽ ڄمي مقابلو ڪنداسين، دشمن خلاف تيار رهڻ جي ضرورت آهي، حڪومت طرفان يوم تشڪر ملهائڻ جي آجيان ڪريون ٿا، ان جنگ سان ڪشمير مسئلو ٻيهر عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي جارحيت ۽ پاڪستان طرفان رد عمل تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر خليل طاهر سنڌو چيو ته ڀارت جارحيت ڪري مسجدن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو. پوري قوم، حڪومت، سياسي پارٽين ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي ان شاندار ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. سينيٽر عون عباس چيو ته پاڪ ڀارت جارحيت پوري پاڪستاني قوم کي متحد ڪري ڇڏيو. پاڪستان متحد ٿي ڀارت کي جواب ڏنو. ڀارتي ميڊيا ڪوڙ ڳالهايو ۽ پاڪستاني ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر عرفان الحق صديقي چيو ته مخالف کي ايوان جو ماحول بهتر رکڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي جي اڳواڻ جو احترام ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي جي خبر آهي. سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته پاڪستان جي دشمنن جو متحد ٿي ڄمي مقابلو ڪنداسين. مڪار دشمن خلاف تيار رهڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر بلال چيو ته ڀارت خلاف ڪاميابي تي يوم تشڪر ملهائڻ جي آجيان ڪريون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو موقف عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو. سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته اڄ پوري قوم يوم فتح ۽ يوم تشڪر ملهائي رهي آهي، فوج ۽ اسان جي سائبر وريئر پوري دنيا ۾ پاڪستان جي داڪ ڄمائي ڇڏي آهي. سڀ پاڪستاني بڻجي ويا ۽ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو. ان جنگ سان ڪشمير مسئلو ٻيهر عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي. سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو ته ملڪ جي دفاع ۾ بري، بحريه، فضائيه فوج ۽ انٽيليجنس ادارا جهڙي جذبي، نظم ۽ ضبط ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڪم ڪن ٿا اهو سڄي دنيا ۾ واکاڻ جوڳو آهي. هر آزمائش جي گهڙي ۾ قوم پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ متحد، پرعزم ۽ خوددار قوم آهي. هن چيو ته قومي يڪجهتي ۽ پاڪ فوج جون قربانيون ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي هڪ ذميوار رياست طور پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي انهن دوست ملڪن تي فخر آهي جيڪي هر مشڪل گهڙي ۾ اسان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اسان سندن درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون. ڀارت جي جارحاڻي قدمن تي ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته ڀارتي حڪومت کي پنهنجي رافيل جهازن ۽ مهانگن هٿيارن تي غرور هو، پر ان طرفان رات جي اونداهي ۾ ڪيل حملو هڪ بزدلاڻو ڪم هو. اسان جي فضائيه هڪ ئي رات ۾ ثابت ڪيو ته اسان نه رڳو چوڪس آهيون پر انتهائي پيشيوراڻي صلاحيتن سان ليس آهيون. هن چيو ته ڀارت طرفان شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ابتڙ ، پاڪستان جي عالمي اصولن موجب رڳو فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، اسان جو جواب اهڙو هو جيڪو دشمن ڊجي جنگ بندي جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مودي حڪومت جو خيال هو ته ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تان ختم ٿي ويندو پر پاڪستان جي موقف ۽ سفارتي ڪوششن ان کي ٻيهر عالمي ايجنڊا تي آڻي بيهاريو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت آهي ۽ عالمي برادري به ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي، اسان ثابت ڪيو ته امن اسان جي ترجيح آهي، پر پنهنجي خودمختياري جي تحفظ تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين. سينيٽر عرفان الحق چيو ته ڀارت جي اڳرائي ۽ پاڪستان جي شاندار ڪاميابي جو سڀ کان هاڪاري پهلو اهو آهي ته اڄ اسان ۽ مخالف هڪ پيج تي آهيون. اهو قومي اتحاد ئي اصل ڪاميابي آهي. هن ڀارت جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته ڀارت جي تاريخ پاڙيسري ملڪن سان ڇِڪتاڻ وارن ناتن سان ڀريل آهي. چاهي نيپال هجي، ڀوٽان، پاڪستان يا سريلنڪا، ڀارت جو ڪنهن سان دوستاڻو تعلق ناهي رهيو. هن پهلگام واقعي جي آزاد جاچ جو مطالبو ورجائيندي چيو ته اسان ڀارت کي چئون ته هو ان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي، جيئن اسان جي وزيراعظم به تجويز ڪئي آهي. هن چِٽن لفظن ۾ چيو ته ڀارت ڪڏهن به پاڪستان کي غزه نٿو بڻائي سگهي ۽ اهو پيغام ڀارت کي چڱيءَ طرح ملي ويو آهي. پاڪستاني فوج جي شجاعت ۽ عوام جي يڪجهتي کي ساراهيندي هن چيو ته ان جنگ دوران جيڪا يڪجهتي عوام ۽ پارليامينٽ ڏيکاري اها بي مثال آهي. اسان جي فوج ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جنگيون صرف هٿيارن سان نه پر جذبي، حوصلي ۽ عزم سان وڙهيون وينديون آهن. سينيٽر محمد همايون مهمند ۽ ناصر محمود بٽ به بحث ۾ حصو ورتو.