اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته تماڪ جي پوک يا زميندارن تي نَوان ضابطا يا ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ تي يقين رکي ٿي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سيد وسيم ۽ اسد قيصر طرفان تماڪ جي پوکيءَ جي حوالي سان اُٿاريل معاملن تي وفاقي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ ۽ آبادگارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته تماڪو جون ٻه وڏيون ڪمپنيون 250 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪن ٿيون جڏهن ته سندن مارڪيٽ شيئر 44 سيڪڙو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ مقامي ڪمپنين جو مارڪيٽ ۾ حصو 56 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ٽيڪس ۾ ان جو حصو 3 سيڪڙو کان وڌيڪ ناهي. هن چيو ته تماڪ جي شعبي ۾ هڪ اندازي موجب 200 ارب رپيا کان وٺي 300 ارب رپين تائين جو گيپ آهي، هن چيو ته تماڪ جي پوک يا زميندارن تي نوان ضابطا يا ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، پر جڏهن پوکي آبادگارن کان پراسيسنگ ۾ ويندي آهي ته اتي حڪومت جي مداخلت شروع ٿي ويندي آهي. هن چيو ته خام صورت ۾ تماڪ جي حوالي سان ڪجهه تجويزون سامهون آهن، حڪومت آبادگارن جي مسئلن کان آگاهه آهي، پاڪستان جي زراعت ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ٻجن ۾ بهتري ۽ پلانٽ پروٽيڪشن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيڪا انڊسٽري پئسا بڻائي رهي آهي اها ان جي ذميداري آهي ته اها قومي خزاني ۾ پنهنجو حصو وجهي. وفاقي وزير چيو ته سيد وسيم جيڪي معاملا اُٿاريا آهن ان تي هو لاڳاپيل حلقن سان پاڻ رابطو ڪندو.